خواجه خورشيد انور

خواجه خورشيد انور

خواجه خورشيد انور

خواجه خورشيد انور: مشهور موسيقار خواجه خورشيد انور 21 مارچ 1913ع تي ميانواليءَ ۾ جنم ورتو. سندس واسطو ڪنهن موسيقار گهراڻي سان نه هو، پر سندس والد خواجه فيروز الدين موسيقيءَ جو وڏو شوقين هو، ۽ پنهنجي گهر ۾ موسيقيءَ جون محفلون ڪرائيندو هو، پاڻ ان وقت ڊپٽي ڪمشنر هو. انهن محفلن ۾ استاد توڪل حسين، استاد عبدالوحيد خان، استاد عاشق علي خان، استاد غلام علي خان، استاد ننڍو غلام علي خان، فيروز نظامي ۽ رفيق غزنويءَ جهڙا گائڪ شريڪ ٿيندا هئا. هنن محفلن خواجه خورشيد انور ۾ به موسيقيءَ جو شوق پيدا ڪيو ۽ هن استاد توڪل حسين خان کان موسيقيءَ جي باقاعدي سکيا ورتي، ان سان گڏ سندس تعليم جو سلسلو به جاري رهيو. شاگرديءَ واري دور ۾ انگريزن خلاف تشدد پسند تحريڪ سان به لاڳاپيل رهيو ۽ هندستان جي مشهور انقلابي ڀڳت سنگهه کي ڪاليج جي ليبارٽريءَ مان تيزاب فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد جون سختيون سٺائين. 1935ع ۾ ايم. اي (فلسفو) ۾ پهرين پوزيشن ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ آئي. سي. ايس ۾ هندستان مان پهرين پوزيشن کنيائين. استاد توڪل حسين خان کان موسيقيءَ جي باقاعدي تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تي موسيقيءَ جي پروگرامن جو انچارج ٿيو. 1940ع ۾ هن فلمي دنيا جو رخ ڪيو ۽ اي. آر ڪاردار جي دعوت تي فلم ’ڪڙمائي‘ جي موسيقي ترتيب ڏنائين. ان کان پوءِ هن هيٺين فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني: ’اشارا‘، ’پرک‘، ’يتيم‘، ’پروانه‘، ’پگ ڊنڊي‘، ’آج اور ڪل‘، ’سنگهار‘، ’نشانه‘ ۽ ’نيلم پري‘. هن 1946ع ۽ 1949ع ۾ سال جي بهترين موسيقار جو اعزاز حاصل ڪيو. 1952ع ۾ پاڪستان آيو ۽ ٻن ٽن سالن جي خاموشيءَ کان پوءِ 1955ع ۾ فلم ’انتظار‘ جي شروعات ڪيائين. ان فلم جي موسيقي ۽ڪهاڻي به خواجه خورشيد جي ئي تخليق هئي. انهي سال بهترين ڪهاڻي، بهترين موسيقي ۽ بهترين فلم جا صدارتي اوارڊ به حاصل ڪيائين. هن فلم ’انتظار‘ کان پوءِ ’زهر عشق‘، ’جهومر‘، ’ڪوئل‘، ’گهونگهٽ‘، ’چنگاري‘، ’همراز‘، ’هير رانجها‘، ’حيدر علي‘ ۽ ’مرزا جٽ‘ جهڙين ڪامياب فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني. انهن فلمن لاتعداد انعام ۽ اوارڊ حاصل ڪيا. 1980ع ۾ کيس حڪومت پاڪستان ’ستاره امتياز‘ ڏنو. ريڊيي پاڪستان جي ’سگنيچر ٽيون‘ به سندس ئي تخليق ڪيل آهي. هن جو وڏو ۽ يادگار ڪارنامو ’آهنگ خسروي‘ آهي، جيڪو ٽيهن لانگ پليز تي مشتمل هڪ البم آهي، جنهن ۾ پاڪ- هند جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي معروف گهراڻن جا 90 راڳ محفوظ ڪيا ويا آهن. خواجه خورشيد انور 30 آڪٽوبر 1984ع تي وفات ڪئي.


لفظ خواجه خورشيد انورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.03.21  عيسوي

مشهور موسيقار خواجه خورشيد انور 21 مارچ 1913ع تي ميانواليءَ ۾ جنم ورتو.


1984.10.30  عيسوي

خواجه خورشيد انور 30 آڪٽوبر 1984ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لڇمڻ ڪومل
تماچي
للت دبي
شاهه وجيهه الدين
حاجي خان مڱڻهار
در محمد خان مري
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
چانڊيو نواب غيبي خان
مفتي محمد عارف سعيدي
پيٽراعظم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون